اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ??ي شديد ترين ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ برساتن سان ملڪ جو اڪثر حصو پاڻي هيٺ آهي، معاشي بح??لي جي لا??ِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوپ – 27 ماحولياتي تبديلي جي اثرن، نقصانن ۽ بح??لي جي حو??لي سان انتهائي اهم آهي، ماحولياتي تبديلي جي نقصانن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ پڻ موسمياتي تبديلي جي ڪري آئي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، خطرن کان بچڻ ۽ بح??لي جي لا??ِ پوري دنيا جي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پ??ندو ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??ي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتون درپيش آهن، ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ??ي شديد جاني ۽ م??لي نقصان ??ڻڻو پ??و آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لا??ِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان ??ي م??لي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ??ي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻو پ??ندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري جي اها ذميواري آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ ان جو حل ڳولي.