اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ٿري گارجز جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 6 لک 50 هزار ڊ??لر جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد جي قيادت پا??ست??ن ۾ ??ين جو سفير نونگ رونگ ڪري رهيو هو. چائنا ٿري گارجز جي چيئرمين ووشينگ ليان وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ چيڪ ڏنو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چائنا ٿري گارجز تحت ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ گذريل ٽن مهينن کان پوري صلاحيت سان هلي رهيو آهي. ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سي پيڪ فريم ورڪ تحت لڳايو ويندڙ ??ن بجلي جو اهم منصوبو آهي جنهن تحت 720 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت واري بجلي پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين ??ي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڀرپور مالي مدد فراهم ڪرڻ تي ??ين جي صدر شي جن پنگ، چيني ڪمپ??ين ۽ ??ين جي عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم چائنا ٿري گارجز کي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ ان منصوبي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ پا??ست??ن ۾ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي جي فراهمي تي ان جي ڪوششن کي ساراهيو.