پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي بحالي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پيسڪو ??مل??ارن سان ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثر بجلي جي نظام جي بحاليءَ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي ٻوڏ سبب بجلي انفراسٽرڪچر کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هتي دؤرو ڪري رهيو آهيان. اجلاس ۾ پيسڪو چيف محمد جباز ??ان?? چيف ايگزيڪيوٽو، پيسڪو ??مل??ارن کانسواءِ لوئر دير ضلعي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پيسڪو ??مل??ارن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته پشاور سرڪل ۾ 4 فيڊرز متاثر ٿيا، جنهن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ترناب، ابزئي ۽ـ گل بيله 2-1 مڪمل طور تي فعال آهي، پيسڪو ??مل??ارن ٻُڌايو ته صوبي ۾ سوات سرڪل سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جتي 3 گرڊ اسٽيشن مدين، مٽه ۽ منڊا کي ڪافي نقصان پهتو آهي جنهن سان بجلي جي رسد بند آهي. پيسڪو ??مل??ار مطابق انهن گرڊز جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي ۽ 12 سيپٽمب تائين مڪمل ڪيو ??يندو. پيسڪو ??مل??ارن وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته نوشهره ۽ـ چارسده ضلعي ۾ متاثر فيڊرز ۽ ٽرانسميشن لائنز جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. وفاقي وزير پيسڪو ??مل??ارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته صوبي ۾ بجلي جي نظام جي بحاليءَ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ??ڃي. ان سلسلي ۾ وزارت طرفان بحالي آپريشن ??ي نگرانيءَ لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري عالم زيب کي مقرر ڪيو ??يو آهي.