اسلا?? آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جهڙي موذي مرض جو خاتمو ڪندا ۽ پنهنجي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ٿيڻ تي خطاب ڪندي وز??راعظم سمورن پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي خطرن کي منهن ڏئ?? ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري پنهنجا فرض سرانجام ڏئ?? رهيا آه??. ا?? موقعي تي وز??راعظم ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪئي. صحت وارو وفاقي وفاقي وز??ر عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، سنڌ جو وڏو وز??ر سيد مراد علي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وز??راعظم چيو ته پوليو خطرناڪ مرض آهي جيڪو ٻارن کي معذوري ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ سمورا والدين پنهنجي 5 سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين ۽ قوم جي معمارن جو مستقبل ٺاهين. وز??راعظم چيو ته پوري دنيا ۾ پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ به اهو مرض دم ٽوڙي چڪو هو پر بدقسمتي سان ڪجهه علائقن ۾ پوليو جا ڪيس ٻيهر سامهون آيا. وز??راعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جو خاتمو ڪندا ۽ گڏيل بصيرت ۽ قوت کي استعمال ۾ آڻيندي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا. وز??راعظم پوليو ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر قسم جي حالتن ۽ ڏکين علائقن ۾ سموريون رڪاوٽون عبور ڪندي ٻارن کي گهر گهر وڃي پوليو جا ڦڙا پياري رهيا آهن. وز??راعظم پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ دوران پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. وز??راعظم صحت واري وفاقي وز??ر، سنڌ جي وڏي وز??ر، سمورن صوبائي حڪومتن بشمول ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا پڻ ٿورا مڃيا ته اهي پوليو جي خلاف مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن ان خير جي ڪم ۾ حصو وٺندڙ سمورن ادارن ۽ تنظيمن جا پڻ ٿورا مڃيا. وز??راعظم چيو ته اسان گڏيل ڪوششن کي استعمال ۾ آڻي الله جي فضل ۽ ڪرم سان ان مرض جو خاتمو ڪنداسين.