اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا، ملڪ ۽ عوام فارن ايجنٽ عم??ان خان ۽ ان جي فارن فنڊنگ جي اثرن کان آزاد ٿي ويا آهن، هاڻي عم??ان خان جي اندر وڃڻ جو وقت آهي، جيڪڏهن ايف آءِ اي شهباز شريف، مريم نواز، حمزه شهباز کي رڳو الزامن تي گرفتار ڪري سگهي پئي ته اڄ عم??ان خان کي به گرفتار ڪرڻ گهرجي، عم??ان خان ڪنهن جي سهاري تي چار سال حڪومت ڪندو رهيو، عم??ان خان پاڻ چيو ته اسان کي ايجنسين کان ووٽ وجهرائڻ پوندا هئا، عم??ان خان ڦرلٽ جي ايجنڊا تي هو، هن کي اڃا وڌيڪ ڦرلٽ ڪرڻي هئي پر بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي سان سندس سموري پلاننگ اڌوري رهجي وئي، ان کان اقتدار هليو ويو ته عم??ان خان چيو ته ملڪ ۾ باهه لڳائي ڇڏيو، هو ملڪ ۾ انتشار، فتنو فساد پکيڙڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي. ميڊيا جا ذميوار ماڻهو اڄ ميڊيا سيمينار ۾ عم??ان خان جي تقرير ٻڌي رهيا هئا، هي شخص چوي ٿو ته آزاد ميڊيا کان کيس ڪو خوف نه آهي پر جڏهن ميڊيا جي آزادي جو قتل ڪيو پئي ويو ته ان وقت عم??ان خان وزيراعظم هو. هن چيو ته عم??ان خان جي اندر ڪوڙ ڳالهائڻ جو تمام گهڻو حوصلو آهي، اهو ئي حوصلو ۽ همت عم??ان خان عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪئي هجي ته اڄ ملڪ جون حالتون ڪجهه ٻيون هجن ها. هن چيو ته عم??ان خان جيڪڏهن معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ توانائيون لڳائي ها ته عوام جي حالت اڄ بهتر هجي ها. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان جي واتان ميڊيا جي آزادي جون ڳالهيون مذاق کان گهٽ نه آهن، عم??ان خان پنهنجي چئن سالن ۾ صحافين تي تشدد ڪيو ۽ ان جا پروگرامز بند ڪيا، انهن جا قلم ٽوڙيا، مير شڪيل الرحمان جي خلاف نيب گردي ڪري ميڊيا کي پيغام ڏنو ويو ته اهي پنهنجو آواز بند ڪري. هن چيو ته پ?? ايف يو جي، سي پي اين اي سميت عالمي ميڊيا واچ جي ادارن پڻ عم??ان خان جي ميڊيا مخالف قدمن جي تصديق ڪئي، ميڊيا واچ جي عالمي ادارن عم??ان خان کي ميڊيا ۽ صحافت جي آزادي جي لاءِ پريڊيٽر قرار ڏنو. هن چيو ته جڏهن پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جو ڪارو قانون ٺاهيو پئي ويو، ان وقت اهو ئي شخص وزيراعظم هو ۽ ان جي اطلاعا وارو وزير ۽ ان جا ڪرائي جا ترجمان ميڊيا تي مهم هلائي رهيا هئا. ابصار عالم، مطيع الله جان، اسد طور، نصرت جاويد، غريده فاروقي، عاصمه شيرازي تي حملن جي وقت عم??ان خان ئي وزيراعظم هو. امبر شمسي، طلعت حسين، افتخار احمد، نج?? سيٺي، مرتضيٰ سولنگي ۽ ڊاڪٽر دانش جا پروگرام جڏهن بند ڪيا ويا ته ان وقت عم??ان خان وزيراعظم هو. هن چيو ته حامد مير جو پروگرام بند ڪيو ويو، عرفان صديقي جي گهرواريءَ تي تشدد ڪري عرفان صديقي کي گهر جي ڪرائي جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته عم??ان خان وٽ اختيار به هو ۽ ڪرسيءَ به هئي پر ان جي باوجود ميڊيا جو خوف ان تي طاري هو. هن چيو ته جنهن وقت مخالف ڌر کي سزا موت جي چڪين ۾ رکيو ويو ان وقت عم??ان خان وزيراعظم هو، عم??ان خان مريم نواز کي ان جي والد آڏو هٿڪڙيون لڳايون، نواز شريف جي گهرواريءَ جو جڏهن انتقال ٿيو ته ان وقت ان جي جنازي ۾ شرڪت جي لاءِ رڪاوٽون وڌيون ويون. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف جي طبيعت نيب جي ڪسٽڊي ۾ خراب ٿي، جيڪي شڪليون اڄ پمز ۾ ليٽيل آهن اهي ان جو مذاق اڏائيندا هئا، جنهن وقت مرحومه ڪلثوم نواز شريف لنڊن جي اسپتال ۾ داخل هئي ته چيو ويو ته اها اسپتال نه هوٽل آهي، هوءَ بيمار نه آهي. هن چيو ته لاهور ايئرپورٽ تي ٽي ڀيرا جي چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي ان جي ڌيءَ سان گڏ گرفتار ڪيو ويو، راڻا ثناءُ الله کي ڪوڙي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، انهن کي ان جيل ۾ رکيو ويو جتي هو ويهي ۽ ليٽي به نه سگهندا هئا، شهباز شريف کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، جيل ۾ نماز جي لاءِ کيس ڪرسيءَ تائين نه ڏنيو يندي هئي. هن چيو ته عم??ان خان چار سالن تائين ملڪ تي مڙهيل رهيو، ان وٽ اختيار به هو، ڪرسيءَ به هئي، سموري سياسي طاقت به ۽ رڪارڊ به پر هو سياسي مخالفن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو ۽ نه عدالت ۾ ثبوت ڏئي سگهيو. هن چيو ته نيشنل ڪرائيم ايجنسي به فيصلو ڏنو ته شهباز شريف ۽ سلمان شهباز ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ناهي ڪئي. هن چيو ته عم??ان خان پنهنجي چار سالا دور ۾ مالم جبه، بلين ٽري سونامي، بي آر ٽي پشاور، هيليڪاپٽر، فارن فنڊنگ سميت پنهنجي خلاف سموريون انڪوائريون بند ڪرايون. هن چيو ته عم??ان خان طيبه گل جي وڊيو نيب چيئرمين کي ڏيکاري کيس ڪمپرومائيز ڪيو، نيب ۽ ايف آءِ اي کي يرغمال بڻائي رکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته عم??ان خان جي دور ۾ ملڪ ۾ تاريخي ڪرپشن ٿي. هن چيو ته عم??ان خان پنجاب کي ٻنهي هٿن سان ڦريو، هيرا ڦريا ۽ توشه خانه ڦريو. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان ايف آءِ اي جي ڊي جي کي وزيراعظم هائوس گهرائي سياسي مخالفن جي خلاف انڪوائريون ڪرڻ جو چيو پر هن چيو ته ڪيسز نه ٿا ٺهن، اينٽي ڪرپشن جاويد لطيف صاحب جي 90 سالا بزرگ ماءُ تي ڪسز ٺاهيا. هن چيو ته عم??ان خان جيترا به الزام هنيا هو هڪ به ثابت نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان 351 ڪمپنين کان فارن فنڊنگ ورتي، هو ان ڪيس ۾ پڪڙيوويو آهي، اڄ هي شخص چوي ٿو ته فارن فنڊنگ ۽ توشه خانه جي ڦرلٽ جو ڪنهن کي حساب نه ڏيندس. هن چيو ته عم??ان خان فارن فنڊنگ وٺي ملڪ ۾ فساد، فتنو ۽ انتشار پکيڙيندو رهيو. هن چيو ته جڏهن هيرا ڦريا پئي ويا، مقررين تي پئسن جون ٻوريون کوليون پئي ويون ته ان وقت عم??ان خان وزيراعظم هو، هاڻي هو چوي ٿو ته هو قانون جي اڳيان پيش نه ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن طاقتور کي قانون جي هيٺ اچڻ گهرجي ته پ??ءِ عم??ان خان کي ڇو نه اچڻ گهرجي، ان کان فارن فنڊنگ ۽ توشه خانه جو حساب ڇو نه وٺڻ گهرجي؟ هن چيو ته نواز شريف پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو، هو پاڻ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ لاهور کان اسلام آباد پيشين تي ايندو رهيو، شهباز شريف هر ڏينهن نيب جي عدالت ۽ هاءِ ڪورٽس ۾ پيش ٿيندو هو. هن چيو ته اهو مڪافات عمل آهي ان وقت جا ماڻهو مذاق اڏائيندا هئا اڄ اهي پاڻ اسپتال ۾ ليٽيل آهن. هن سوال ڪيو ته جيڪو شخص پاڻ فارن فنڊنگ، اٽي چوري ۾ ملوث هجي ۽ بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي جو غلام هجي، اهو ملڪ کي آزاد ڪرائيندو؟ هن چيو ته عم??ان خان جا پنهنجا اهڙا اڪائونٽ سامهون اچي رهيا آهن جيڪي ڊڪليئر نه آهن، عم??ان خان وٽ جواب نه آهي ان لاءِ هو ڇا جواب ڏيندو، عم??ان خان تماشو بند ڪري. هن چيو ته اڄ ملڪ فارن ايجنٽ عم??ان خان ۽ ان جي فارن فنڊنگ جي اثرن کان آزاد ٿي ويو آهي، جنهن ملڪ ۾ معاشي تباهي مچائي، ميڊيا جو آواز بند ڪيو، اڄ ملڪ انهن ماڻهن کان آزاد ٿي ويو آهي، هاڻي عم??ان خان جي اندر وڃڻ جو وقت آهي، جيڪڏهن ايف آءِ اي شهباز شريف، مريم نواز، سلمان شهباز، سعد رفيق، حمزه شهباز کي رڳو الزامن تي گرفتار ڪري سگهي پئي ته اڄ عم??ان خان کي به گرفتار ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان جو چهرو عوام چڱي ريت سڃاڻي چڪي آهي، ان جون سموريون چوريون سامهون اچي چڪيون آهن، ڪيسز هن وقت ايف آءِ اي ۾ آهن. هن چيو ته توشه خانه ۽ فارن فنڊنگ ۾ عم??ان خان جو ڪو بندو پيش نه ٿي رهيو آهي، بهتري انهي ۾ آهي ته هو رڪارڊ ڏي نه ته رڪارڊ وٺڻ اسان کي اچي ٿو، جيڪڏهن هو پيش نه ٿيو ته ٻڌي وٺي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??جاب صوبي کي گذريل چئن سالن دو??ان ٻنهي هٿن سان ڦريو ويو، ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو، فرح گوگي ان صوبي جو برو حال ڪيو. هن چيو ته شهباز گل کي اسلام آباد پوليس گرفتار ڪيو، جاچ ٿي، عدالت کان ريمانڊ ٿيو ۽ ان ريمانڊ جي خلاف پنجاب حڪومت پنجاب پوليس موڪلي ڇڏي ته اڊيالا جيل مان کيس راولپنڊي جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو وڃي جنهن تي آءِ جي پنجاب چيو ته هي وفاق جو قيدي آهي، اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون ته ان تي دٻاءُ وڌو ويو. هن چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ پنجاب پوليس جو ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان ڪنهن جي سهاري تي مڙهيل رهيو، هن پاڻ چيو ته اسان کي ايجنسين کي چوڻو پوندو هو ته ووٽ ڏياريو. هن چيو ته عم??ان خان کي اڃا وڌيڪ ڦرلٽ ڪرڻي هئي پر وچ ۾ بي اعتمادي رٿ اچي وئي ۽ کيس اقتدار کان محروم ٿيڻو پيو ۽ ان جي سڄي پلاننگ اڌوري رهجي وئي. هن چيو ته جڏهن ان وٽ اقتدار نه رهيو ته هن ملڪ ۾ فتنو فساد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو ۽ هاڻي قانون جي اڳيان پيش نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته قانون حرڪت ۾ اچي چڪو آهي، جاچ شروع ٿي چڪي آهي، فارن فنڊنگ جوهڪ تمام وڏو اڪائونٽ انهن جو پڪڙيو ويو آهي جنهن تي هو سڀاڻي پريس ڪانفرنس ۾ تفصيلن کان آگاهه ڪندي ته ملڪ سان ڪيترو وڏو ڪڌو مذاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عم??ان خان پنهنجي ڪيسز ۾ رڪارڊ نه ڏئي رهيو آهي، هو ان کان انڪار ڪري رهيو آهي، بهتري انهي ۾ آهي ته هو رڪارڊ ڏي نه ته رڪارڊ وٺڻ اچي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف جلد پاڪستان اچي رهيو آهي. فارن فنڊنگ جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن فنڊنگ جي ڪيس ۾ 2008ع کان 2013ع تائين جي جاچ ٿي آهي. ان کانسواءِ به هزارن جي تعداد ۾ فنڊنگ آئي هئي جنهن اڪائونٽ جي ذريعي فنڊنگ ايندي رهي ان تي ايف آءِ اي جاچ ڪري رهي آهي، اها پڄاڻي تي پهچندي، هڪ هڪ رپئي جو حساب ورتو ويندو. هن چيو ته پ?? ٽي وي جي حوالي سان هڪ ڪيس جي جاچ به ايف آءِ اي ۾ شروع ٿي چڪي آهي، جن ماڻهن پي ٽي وي اسپورٽس جو سودو ڪري اي اسپورٽس کي فائدو پهچايو، سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو، انهن سڀني کي طلب ڪيو ويندو، جيڪو به ان ۾ ملوث آهي ان کي جواب ڏيڻو پوندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ فرح گوگي ۽ عم??ان خان جي خلاف ڪيسز هلي رهيا آهن پر اهي چون ٿا ته انهن ڪيسز ۾ جواب ئي نه ڏينداسين ۽ پوءِ چون ٿا ته طاقتور کي قانون جي هٺ اچڻ گهرجي. هي چور به آهن، بدمعاش به ۽ انهن جي فاشسٽ سوچ آهي. جيڪڏهن انهن چوري ناهي ڪئي ته 2008ع کان اڳ ۽ 2013ع کانپوءِ جي فارن فنڊنگ جو حساب ڏين. هن چيو ته جيڪو وزيراعظم توشه خانه تي ڪاروبار ڪري ان جو اخلاقي معيار ڇا هوندو؟ هن توشه خانه جا تحفا وٺي پئسا جمع نه ڪرايا ۽ تحفا وڪرو ڪري پئسا جمع ڪرايا. هن چيو ته جيڪي تحفا انهن ورتا ۽ انهن کي وڪرو ڪيو ۽ ان مان ايندڙ آمدني کي ڊڪليئر نه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چار سالن تائين ميٽرو پشاور موڙ جو منصوبو بند رهيو، شهباز شريف 15 ڏينهن ۾ ان منصوبي کي شروع ڪيو ۽ اڄ ان تي بسون هلي رهيون آهن، اهو ئي اهو خوف هو جنهن جي ڊپ کان عم??ان خان بنا ثبوتن جي الزام هنيا پر اڄ هو پاڻ فارن فنڊنگ جو چور ڊڪليئر ٿي چڪو آهي. هن چيو ته عم??ان خان 25 هزار ڊالر تي امريڪا ۾ پنهنجو لابيسٽ رکيو آهي جيڪو ان جي تشهير ڪري ته جيئن انهن کي وڌيڪ فارن فنڊنگ ملي سگهي. هن چيو ته عم??ان خان صاحب هاڻي بس ڪريو، توهان ايتري ڪوڙ جو حساب ڪيئن ڏيندا. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل مهيني کان شهباز شريف ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي لاءِ هر جڳهه پ??چڻ جي پاڻ ڪوشش ڪئي، پنهنجي سيڪيورٽي کي ڪمپرومائيز ڪري هو جهل مگسي ويو ۽ وڃي ڏٺو ته ڇا ريليف شيون اتي پهچي رهيون آهن يا نه پر عين ان وقت عم??ان خان پنهنجو هيليڪاپٽر کڻي فتنو ۽ فساد پکيڙڻ نڪري پيو. ان جو هيليڪاپٽر ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۾ به وڃي سگهيو پئي پر عم??ان خان جو مقصد ٻوڏ سٽيلن جي مدد ڪرڻ نه ملڪ ۾ فتنو ۽ فساد پکيڙڻ آهي. هن چيو ته شهباز شريف خيبرپختونخواهه وڃي سگهي ٿو ته عم??ان خان اتي ڇو نه ٿو وڃي سگهي، هي ان لاءِ نه ٿو وڃي سگهي ته جتي فوتگيون ٿيون، جنازا کڄي رهيا هجن، اتي بشريٰ بي بي کيس وڃڻ جي اجازت نه ٿي ڏي. هن جا پنهنجا دوست فوت ٿيا، هي ڪنهن جي جنازي ۾ شامل نه ٿيو.