اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيدمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ??هتمام هيٺ ”جعلي خبرن جو رجحان“ جي ??والي سان خصوصي مڪالمو منعقد ڪيو ويو. ميڊيا ماهر مسرور گيلاني جعلي خبرن جي منفي رجحان تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن سان ميڊيا جي مختلف شعبن، تربيتي ادارن سان گڏوگڏ سرڪاري آفيسرن جي وڏي انگ فائدو کنيو. مسرور گيلاني جعلي خبرن جي وجود بابت تفصيلي ڳالهائيندي غلط معلومات، غلط اطلاعات ۽ جعلي خبرن جي ??عريف جي وضاحت ڪئي ۽ ان مسئلي کي ان جي ??حيح ڏس ۾ سمجهڻ جي ??هميت کي اجاگر ڪيو. هن جعلي خبرن جي ??جحان کي ن??سياتي، مالي ۽ سياسي محرڪات سان ڳنڍيو. هن چيو ته جديد ۽ ضروري اوزارن سان ليس خابرو ادارن ۽ ميڊيا گذريل سالن ۾ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار ۽ نظام جوڙيو آهي ته جيئن حقيقتن تي ٻڌل خبرن جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. هنFactChecker, FactkCheck.org,Snopes واشنگٽن پوسٽ جي هفتيوار بلاگ، سينٽ پيٽرز برگ ٽائيمز مان PolitiFact.com ۽ PunditFact کي حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ادارن طور حوالو ڏنو. هن چيو ته اي ايف پي، اي پي، رائٽرز، بي بي سي ۽ ٻيا خابرو ادارا باقاعدگي سان فيڪٽ چيڪ رپورٽس شايع ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستاني اخبارون دي ن??وز، ڊيلي ڊان، ايڪسپريس ٽربيون، ڊيلي پاڪستان ۽ ڪجهه ٽيليويزن چينلز به حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽون شايع ڪن ٿا يا انهن جي ويب سائيٽس تي حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ جو سيڪشن هوندو آهي. هن چيو ته تربيت هيٺ آفيسر انهن رپورٽس جو مطالعو ۽ انهن مان فائدو کڻي سگهن ٿا ته جيئن خبرن جي ??ائزي بابت انهن جي ??لم ۾ اضافو ٿي سگهي. بعد ۾ سوال ۽ جواب جو سيشن ٿيو جنهن دوران مسرور گيلاني سوشل ميڊيا تي رپورٽس ۽ تصويري مواد جي ??قيقت جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽولز جي وضاحت ڪئي. سيشن جي پڄاڻي تي ڊي جي ??نفارميشن سروس اڪيڊمي مهمان مقرر ۽ ٻين تربيتي ادارن جي ??رڪت ڪندڙن کي سووينئرز پيش ڪيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ذيلي ادارن جي ??ينيئر آفيسرن به خصوصي مڪالمي ۾ شرڪت ڪئي.