اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي تر??مان عاصم افتخار هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ت?? پاڪستان ڪنهن پاور پاليٽڪس جو حصو نه بڻجندو، سپر سانڪ ميزائل لانچ جي حوالي سان ڀارتي موقف غيرذميداراڻو ۽ ڀارتي دفاعي ۽ ٽيڪنيڪي نظام تي سواليه نشان آهي، ڀارت علائقائي سلامتي ۽ امن جي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. هفتيوار بريفنگ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي آفيس جي تر??مان چيو ت?? او آ??ِ سي وزارتي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي، وزيراعظم اجلاس کي اهم خطاب جڏ??ن ته اجلاس ۾ شريڪ او آ??ِ سي ملڪن جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي ڳالهائيندو، اجلاس لاءِ سمورا سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، تر??مان چيو ت?? پاڪستان امت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ت?? اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 جي وبا کان بحالي، امن ۽ سلامتي جي معاملن، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آ??ِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم تر??يحن تي به ڌيان ڏنو ويندو. تر??مان چيو ت?? 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ بابت پاڪستان پاران متعارف ڪرايل قرارداد جي جنرل اسيمبلي مان متفقه منظوري پاڪستان جي ڪاميابي آهي. تر??مان چيو ت?? پاڪستان سمورن مذهبن ۽ تهذيبن جو احترام ڪري ٿو، يوڪرين جي صورتحال جي حوالي سان تر??مان واضح ڪيو ت?? ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي، پاڪستان ڪنهن به بلاڪ سياست جو حصو نه بڻجڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، اسان صرف امن ۾ حصيدار هونداسين، تڪرارن ۾ نه، تر??مان چيو ت?? پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن تي به مسلسل زور ڏيندو آهي جنهن ۾ خودمختياري وارو حق، طاقت جو عدم استعمال، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام، تڪرارن جو پرامن حل شامل آهن. اسان سمجهون ٿا ته انهن اصولن کي مستقل ۽ عالمي سطح تي لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ت?? پاڪستان کي يوڪرين ۾ مسلسل فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي آهي، اسان دشمني جي فوري خاتمي، انساني همدردي جي راهدارين جي قيام ۽ انساني امداد جي فراهمي، يوڪرين ۽ روس جي وچ م ڳالهيون جاري رکڻ ۽ سفارتي حل لاءِ مسلسل ڪوششن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. پاڪستان تڪرارن جي سفارتي حل جو حامي آهي. 9 مارچ تي ڀارت اپران ميزائل لانچ ڪرڻ جي حوالي سان تر??مان چيو ت?? 9 مارچ تي ڀارتي سپر سانڪ ميزائل جتي ملڪي ۽ عالمي اڏامن کي خطري جي ور چاڙهيو اتي بي شمار انساني زندگين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، تر??مان ان سلسلي ۾ ڀارتي دفاع واري وزير جي جواب کي ناڪافي قرار ڏيندي رد ڪيو ۽ واقعي جي گڏيل جاچ جي حوالي سان پاڪستان جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. تر??مان چيو ت?? پاڪستان ان سلسلي ۾ سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن ۽ گڏيل قومن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي کان آگاهه ڪيو ويو آهي. تر??مان چيو ت?? ڀارت علائقائي امن ۽ سلامتي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. تر??مان چيو ت?? پاڪستان امت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ت?? اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 وبا کان بحالي، امن ۽ سلامتي، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آ??ِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم تر??يحن تي به ڌيان ڏنو ويندو.\