اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قر??شي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميوا??ي ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي، گڏيل قومون ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي ??زير ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال ۽ خطي جي امن ۽ سلامتي بابت مستقل خطرن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. پنهنجي خط ۾ پرڏيهي ??زير زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن، جن ۾ قبضي هيٺ خطي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به شامل آهي، عالمي قانونن، گڏيل قومن جي منشور ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي ??زير غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وسيع پئماني تي انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين ۽ جعلي مقابلن ۾ شهادتن جي تازي لهر کي اجاگر ڪيو. خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته ڀارت پاران گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس (او – ايڇ – سي – ايڇ – آر) کي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي جاچ جي لاءِ پهچ ڏيڻ کان انڪار قابض ۽ جابر حڪومتن جي پنهنجي ڏوهن کي لڪائڻ ۽ جوابدهي کان بچڻ جهڙو روايتي حربو آهي. پرڏيهي ??زير شاهه محمود قر??شي ??ر ايس ايس، بي جي پي جي قيادت پاران پاڪستان جي خلاف جنگي جنون کي تيز ڪرڻ ۽ قومي جارحيت جي ڌمڪين جو حوالو ڏيندي داخلي سطح تي سياسي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ فالس فليگ آپريشنز جو ڊرامو رچائڻ جي ماضي جي ڀارتي طرزعمل کي بيان ڪيو.