اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي عظيم بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جي ٻڌايل اصولن کي اختيار ڪرڻو آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزادي، جدا ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار جي ڪري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بد??اي?? آهي. ??در عارف علوي قائداعظم جي 145 هين پي??ائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پي??ام ۾ چيو آهي ته موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي اهم اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي نظم ۽ ضبط، ڀائيچاري ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻو پوندو. ??ن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن، قوميتن، اقليتن ۽ هر شخص کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ??ن چيو ته ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ معاشري جي نظرانداز ڪيل طبقن جي ڀلائي کي اولين ترجيح ڏيڻي پوندي. ??در چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط ملڪ بڻائينداسين، پوري قوم محسن پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج تحسين پي?? ڪري ٿي.