اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي ??چ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن، سع??دي عرب جي ترقي ۾ پرڏيه?? پاڪستانين جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪووڊ بابت سفر?? پابندين جي ڪري سع??دي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ??قت واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سع??دي عرب جي ??رڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان السعود وزيراعظم عمران خان سان هتي ملاقات ڪئي، وزيراعظم سندس والهاڻو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي ??چ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي خامين الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي مئي 2021ع جي ??نهنجي سع??دي عرب جي دوري جو به ذڪر ڪيو جنهن جي ??اءِ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ وزيراعظم ان جي ??ختلف رخن تي روشني وجهندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نيون راهون ڳوليون وڃن. وزيراعظم خصوصيت سان زور ڏنو ته معاشي رخ کي سگهه ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هر ممڪنه قدم کنيا وڃن، وزيراعظم عمران خان سع??دي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي ??عاليت جي حوالي سان کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته سع??دي عرب ۽ پاڪستان جي ??اڳاپن ۾ بهتري لاءِ تزويراتي رخ جي تعين لاءِ اعليٰ سطح جو اهم پليٽ فارم آهي. وزيراعظم سع??دي عرب جي خوشحالي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته عوام جي ??چ ۾ مضبوط رابطن سان ٻه طرفي لاڳاپن کي ٺوس بنياد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا بابت سفر?? پابندين جي حوالي سان پاڪستاني شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سع??دي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي انهن جي ??اپسي لاءِ بروقت قدم کنيا وڃن، هن سع??دي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڪووڊ ويڪسين جي ??راهمي تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪورونا جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ سمورين ترين کي سياسي حل لاءِ تعميري ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته امن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي سع??دي وفد والهاڻو استقبال ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. پرنس فيصل چيو ته سع??دي عرب پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا رکندڙ آهي. اهي لاڳاپا اخوت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. هن وزيراعظم عمران خان ۽ سع??دي ولي عهد جي اسٽريٽجڪ حڪمن جي روشني ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ سع??دي عرب هڪٻئي سان ويجهي ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي ويجها ڀائراڻا لاڳاپا رکندڙ آهن. سع??دي عرب اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جو ميمبر آهي ۽ هو ڪشمير ڪاز جو حامي آهي.