ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان بيت المال ج?? اهميت ۽ ڪا??ڪر??گي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏن?? آهي ته جيئن وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان سلسلي ۾ عوامي آگاهي لاءِ خصوصي پروگرام جوڙڻ جي ضرورت آهي ڇو ته آبادي جو وڏو حصو بيت المال جي خدمتن بابت آگاهه نه آهي. اها ڳالهه هن مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال ??لڪ ظهير عباس کوکر جي قيادت ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيل وف?? سان ڳالهائيندي چئي. وف?? ۾ ڊاڪٽر عدنان مجيد ۽ ٻيا به شامل هئا. صدر چيو ته عام طور ت?? اهو تاثر ڏٺو ويند?? آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ بيت المال جا فنڊز غريب ماڻهن جي علاج لاءِ استعمال ??ٿا ڪري سگهجن، هن چيو ته ان غلط فهمي کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن بيت المال جي فنڊن مان مستحقن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.