اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ جي جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي چين – پاڪستان اقتصادي راهداري سي پيڪ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي، توانائي وار?? وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، صنعت وار?? وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي وار?? وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين عاطف بخاري، سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ۽ اعليٰ سطح جي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي سي پيڪ تحت مختلف شعبن ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. ??جل??س ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت نه رڳو اڳوڻي حڪومت طرفان شروع ڪيل منصوبن جي تڪميل ڪئي پر رڳو اڍائي سالن جي اندر ڪيترن ئي اهم منصوبن ??ي به مڪمل ڪيو. ??جل??س ۾ انفرااسٽرڪچر جي ترقي جي منصوبن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان کان هٽي ڪري ته ڪوبه منصوبو ڪنهن شروع ڪيو، وڌيڪ منصوبا موجوده حڪومت مڪمل ڪيا.