ڪراچي – 13 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? مالي ادارن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ جديد گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان کي پنهنجون مالي پاليسيون نئين رجحانن کي نظر ۾ رکي جوڙڻيون پونديون، حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مضبوطي طرف گامزن آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس دوران بهترين پاليسي اختيار ڪئي، دنيا ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي متعارف ڪر??ئي، ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن کي قومي دائري ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪر??چي ۾ مصنوعي ذهانت سان مالي ڏوهن جي خاتمي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته برينڊ پاڪستان کي عالمي سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي تڪرارن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن، پاڪستان هن وقت ترقي جي دروازي ت?? تمام جلد پاڪستا?? سٺا ڏينهن ڏسندو. هن چيو ته هيٺئين سطح تي مهانگائي ت?? ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم جاري آهن، حڪومت جي بهترين پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مضبوطي طرف گامزن آهي، ڪورونا وائرس جي و??ا دوران معاشري جي ڪمزور طبقي کي مالي مدد فراهم ڪئي و??ي، صنعتن جي لاءِ به خصوصي پئڪيج متعارف ڪر??يا ويا. صدر چيو ته عورتن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي و??ي، اولهه مفاد ۾ ايسٽ مور جي تڪرار تي جدا ۽ ڪشمير جي مسئلي ت?? جدا پاليسي اختيار ڪئي و??ي.