اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا حقيقت آهي ان جي باوجود مخالف ڌر پا??ٽين پا??ان غير ذميداراڻا بيان ڏنا پيا وڃن، مخالف ڌر پا??ٽيون پنهنجي قومي ذميدارين کان پاڻ کي آجو سمجهن ٿيون، ڪورونا وبا جي ٻي لهر پوري دنيا ۾ تباهي پکيڙي رهي آهي، مخالف ڌر پا??ٽين کي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکڻ طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته مخالف ڌر طئي ڪري ورتو آهي ته ڪنهن به طرح ملڪ کي نقصان پهچائڻو آهي، ڪورونا سان عوام جو ته نقصان ٿيندو ئي ان سان معيشت تي به اثر پوندو، هن چيو ته اها ئي مخالف ڌر هئي جيڪو چوندي هئي ته ??ڪم?? لاڪ ڊائ??ن ڪريو ۽ اڄ اها ئي مخالف ڌر چئي رهي آهي ته پا??ندي نه لڳايو، پشاور ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جو جلسو نه ٿيندو ته ڪهڙو نقصان ٿي ويندو.