ديامير – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم ملڪ جي لاءِ اهم ترين منصوبو آهي، جتي ا?? ڊيم سان پاڻي ذخيرو ۽ بجلي ٺهندي اتي ا?? جي ڪري تربيلا ڊيم جي ڪارآمد مدي ۾ اضافو ٿيندو، روزگار ج?? موقعا ملندا ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ديامير ڀاشا ڊيم سائيٽ ??ي دوري ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني.