اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي لاءِ سمورن شهرين کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي اهميت رکندڙ ??هي. صدر اها ڳالهه احسا?? انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي ??هي. صدر ان ڏس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي هڪ ٽوئيٽ جو حوالو پڻ ڏنو آهي جنهن ۾ احسا?? انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي لاءِ درخواستگذارن کي 30 آڪٽوبر تائين درخواستون ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي ??هي. صدر چيو ته سمورا شاگرد پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن مستحق شاگرد وقت سر اسڪالرسپ جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن.