اسلام آباد-05 جون(اي پي پي) وزيراعظم جي پوليٽيڪل ڪميونيڪيشنز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو هيٺين سطح تي پڻ عوامي نمائندن کي ??ام??ون آڻڻ جو موقعو ڏنو، وزيراعظم پورٽل ۾ 22 لک شڪاي??ون موصول ٿي چڪيون آهن، آئنده وزيراعظم سٽيزن پورٽل جي ماهوار رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن وقت تائين بي پناهه اهميت جوڳا 28118 شڪايتن جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي جن ۾ س?? کان وڌيڪ شڪاي??ون سنڌ جي ادارن جي باري ۾ آهن، شهباز شريف ماڻهن جي ذاتيات کان بيان بازي کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏي، اسان کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف پنهنجي مفرور ڀاءُ ??وا?? شريف جو ضامن آهي. پ پ جي اڪثر سرڪرده اڳواڻ ڪرپشن جي الزامن ۾ ورتل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر صداقت عباسي ۽ ڪنول شوزب ساڻس گڏ هئا.