اسلام آباد – 18 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ت?? سنڌ ۾ صحافين جي آواز کي دٻائڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا، وزيراعظم آءِ جي سنڌ کان ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شهيد صحافي عبدالعزيز ميمڻ جي گهرڀاتين کي يقين ڏياريون ٿا ت?? انهن کي مڪمل انصاف ملندو ۽ ذميوارن کي ڪيفرڪردار تائين پ??چائينداسين.