اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين ۾ 51 سيڪڙو واڌ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجوده شر?? سان 8295 ارب رپين جي اوڳاڙين جو ساليانو هدف آساني سان ح??صل ٿي ويندو. جاري ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم چيو آهي ته اوڳاڙيون گڏ ڪرڻ جي حوالي سان خوشخبري آهي ته ايف بي آر جولاءِ ۽ آگسٽ 2021ع ۾ 850 ارب رپيا گڏ ڪيا جيڪي ان جي هدف کان 33 سيڪڙو وڌيڪ ۽ گذريل سال انهي عرصي دوران گڏ ٿيندڙ اوڳاڙين ۾ 51 سيڪڙو واڌ جي علامت آهي. و??ير??عظم چيو ته موجوده شر?? سان 8295 ارب جي اوڳاڙين جو ساليانو هدف انشاءَ الله آساني سان ح??صل ٿي ويندو.