اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب افغانستان جي معيشت واري نائب وزير عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عبيدالله رحمان ڪابل پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر دوري دوران افغانستان جي عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان سياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. مملڪتي وزير افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.