اسلام آباد – 05 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته قومي سلامتي سان کيڏندڙ فار?? ايجنٽ اسلام آباد ڪرڻ ڇا اچي رهيو آهي؟ عمران خان قومي مفادن سان اها ڪڌي ۽ سنگين راند ڪيس??ائ??ن کيڏندو رهندو؟ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ بدران لانگ مارچ جي تياري، معيشٽ تباهه، 20 هزار ارب جو تاريخي قرض وٺندڙ فار?? ايجنٽ ڪوڙو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عمران خان جي لانگ مارچ جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته پاڪستان جي معيشت کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪندڙ فار?? ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته فار?? ايجنٽ 95 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي جهنم ۾ ڌڪيو، هاڻي هو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته پارليامينٽ کي ٽوڙيندڙ آئين شڪن اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عدليه ۽ ججن کي ڌمڪائڻ، ادارن تي الزام هڻڻ ۽ سياست ۾ ڌڪيندڙ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته ڪشمير فروش فار?? ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ توشه خانه جو چور، فرح گوگي، پيرني جي ڪرپشن جو شريڪ ڏوهاري اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان اڳ ۾ انهن سوالن جا جواب ڏي ۽ پوءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪري.