اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تازي ٻوڏ سان پي??ا ٿيندڙ بحران کي منهن ڏيڻ ۾ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن س??ن انهن جي رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري ??هي??. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي عالمي برادري پاران پاڪستان س??ن وڏي پئماني تي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هاڻ?? وقت اچي ويو آهي ته دنيا يڪجهتي جي ان اظهار کي عملي قدمن جي شڪل ڏي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان پي??ا ٿيندڙ بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي.