اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور چيو آهي ته سندس اداري پا??ستان جي ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۾ وڌيڪ 20 ??لي?? ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها امداد وڌي 51 ??لي?? ڊالر تي پهچي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??مر??ڪا جي عالمي ترقي واري اداري (ي ايس ايڊ) جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور جيڪا ٻوڏ بابت تباهي جي پئماني جو جائزو وٺڻ لاءِ 8 کان 9 سيپٽمبر تائين پا??ستان جو دورو ڪري رهي آهي، اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ جي ڏس ۾ ??مر??ڪا پاران انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي سمانٿا پاور جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سندس دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پا??ستان سپر فلڊ سان ٿيندڙ وڏي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي دورو ??مر??ڪي حڪومت جو پا??ستاني عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم سمانٿا پاور کي پا??ستان ۾ بوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني کان آگھاهه ڪندي ٻڌايو ته هن وقت تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان فوتگين جو انگ 1300 کان وڌيڪ، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه، 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جڏهن ته پوري جا پورا ڳوٺ ۽ ماڻهن جا روزگار جا ذريعا لڙهي ويا آهن ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو آهي. پا??ستان حڪومت ريسڪيو ۽ فوري امدادي ڪاررواين جي لاءِ دستياب سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي جڏهن ته خوراڪ جو متوقع عدم تحفظ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ان کانپوءِ ايندڙ وڏا چئلينجز هوندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان بحران جي شدت جي ڪري پا??ستان پنهنجي طور تي انهن گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي وارن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان کي مسلس?? عالمي تعاون، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي ۽ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ??مر??ڪي مدد ۽ حمايت گهربل هوندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي نئين سر تعمير جي منصوبابندي ۽ ان کي لاڳو ڪندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پا??ستان کي ان حوالي سان عالمي مهارت، فني مدد، فنڊنگ ۽ اڳڪٿي جي لاءِ موسمياتي فنانسنگ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي دنيا ۾ رهندڙ انسانن جي لاءِ گڏيل چئلينج آهي، ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. يو ايس ايڊ جي ايدمنسٽريٽر سمانٿا پاور ٻوڏ ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته يو ايس ايڊ مالي امداد ۾ وڌيڪ 20 ??لي?? ڊالر جو اضافو ڪيو آهي، اهڙي طرح اهو 51 ??لي?? ڊالر تائين پهچي ويو آهي. سمانٿا پاور ان عزم جو اظهار ڪيو ته ??مر??ڪي انتظاميا ان مشڪل حالتن ۾ پا??ستان سان تعاون جاري رکندي. وزيراعظم ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ فنڊز ۾ اضافي تي ??مر??ڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته ريسڪيو ۽ ريليف جو مرحلو ختم ٿيڻ کانپوءِ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير هڪ مشڪل چئلينج آهي، جنهن جي لاءِ پا??ستان عالمي امداد جو منتظر آهي.