اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي حوالي سان سمورين ڌرين جي ايندڙ هفتي پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته سرڪاري عمارتن ۽ ڊيزل تي هلندڙ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪنداسين، ڊيزل، ڪوئلي ۽ فرنس آئل تي هلندڙ پاور پلانٽس کي مرحليوار منتقل ڪنداسين. و??ير??عظم چيو ته بجلي جو هڪ وڏو حصو درامد ٿيل تيل سان پيدا ٿي رهيو آهي جنهن جون قيمتون ??ازن مهينن ۾ تمام بلند ٿي ويون ??هن، اسان جو قومي شمسي توانائي جي قدمن جو مقصد مهانگي بجلي کي سستي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ آهي جنهن سان عوام کي تمام وڏو ريليف ملندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي بچت ٿيندي.