اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بحالي ۽ بجيٽ 23 -2022ع ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور وانگر فعال بڻايو وڃي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزير??عظ?? هائير ايجوڪيشن ڪميشن بابت منصوبابندي ۽ ناڻي و??ري و??ار?? کي هدايتون جاري ڪيون آهن، وزير??عظ?? هدايت ڪئي آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪٽوتين اعليٰ تعليم تي منفي اثر وڌو آهي، ان عمل کي و??پس ڪيو وڃي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ تعليمي پراجيڪٽس جي بحالي تي ڌيان ڏنو وڃي، اعليٰ تعليم کي عالمي معيار تي هموار ٿيندي پروگرامز جي تعداد ۾ اضاف?? ڪيو وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي و??يلن ۾ چڱو خاصو اضاف?? ڪيو وڃي. استادن ۽ شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيو وڃن.