اسلام آباد – 29 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي امن سپاهه جي عالمي ڏينهن تي پاڪستاني امن دستن جي ڪوششن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عالمي امن جو فخر جوڳو فرض نڀ??ئي??دڙ گڏيل قومن جي امن دستن کي سلام پيش ڪريون ٿا، گڏيل قومن جي امن ڪاررواين ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 لک دستا فراهم ڪرڻ پاڪستان جي امن دوستي ۽ امن پسندي جو اظهار آ??ي. ??ڏيل قومن جي امن سپاهه جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پ??هنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستاني امن سپاهه جي قربانين ۽ ڪوششن جو موجوده سيڪريٽري جنرل سميت ??ڏيل قومن جي اداري ۽ عالمي سطح تي اعتراف اعزاز آهي، 1960ع کان 2022ع ت??ئي?? پاڪستاني امن دستن ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن قابل فخر ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ، انساني خدمت ۽ مثالي پ??شيواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم چيو ته امن ڪاررواين جي دوران پاڪستان جي 169 فزندن شهادت جو عظيم مرتبو ماڻيو، اسان شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪ فوج جي پ??شيواراڻي طرز عمل ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ مثالي ڪارڪردگي جو اعتراف فخر جوڳو آهي، امن ڪاررواين جي لاءِ هٿياربند فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.