اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو ??وابدار عمران خان کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڳنڀير مسئلن جي ڌٻڻ ۾ عمران خان ڌڪيو، اڄ ڊالر جي قدر ۾ اضافي جي ذميداري عمران خان تي آهي، ڊالر 193 روپين تي عمران خان جي ڪري ويو، آءِ ايم ايف معاهدي تي عمران خان صحيحون ڪيون جنهن ??ي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ??ي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو ??ظهار ڪندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ چار سال نالائقن، نااهلن، ڪارٽلز ۽ عمران مافيا جي حڪومت جي ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي وئي، اڄ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خان جي ڪري آهي، پيٽرول جي مد ۾ عمران خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ لاءِ ناقابل تلافي نقصان ڪيو جيڪ?? اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ??ڄ مشڪل فيصلا ڪيا پيا وڃن ته ??ن جو ??ميدار عمران خان آهي، پنهنجي عوام دشمن معاشي ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ عمران خان ڪنٽينر تي چڙهيل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ??مران خان صاحب سياسي مقصدن لاءِ ملڪ جي معيشت ۽ عوام کي داءُ تي لڳائڻ غداري هوندو آهي، توهان عوام کي مهانگائي ڏني، هاڻي سڀني کان وڌيڪ پاڻ مهانگائي جو ??ور مچائي رهيو آهي، هن چيو ته ??مران خان شور نه مچايو، مهانگائي جو ??واب ۽ معاشي تباهي جو ??ساب ڏيو.