اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا نئين بلندي تي ??هچي ويا آهن، سينٽرل ايشيا کي لنگهه ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپا مستحڪم ٿيندا، ازبڪستان جي صدر جو پ??ڪس??ان جو دورو خصوصي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي قومي لباس ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين مصنوعات جي نمائش جي افتتاح جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ کان اسان ويجهي دوست ملڪ ازبڪستان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات ۽ روايتي ??باس جي نمائش منعقد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر ان نمائش ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ازبڪ صدر پ??ڪس??ان جي دوري تي اچي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان جا ازبڪ صدر سان پراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن جو اهم سربراهه ازبڪ صدر پ??ڪس??ان اچي رهيو آهي، سندس اهو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ازبڪستان جي سربراهن جو ويزن وچ ايشيائي ملڪن کي لنگهه ڏيڻ آهي جنهن سان ٻطرفي واپار ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ملندو. وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان ٽرين روٽ ڳن??جڻ ۽ اڏامون شروع ٿيڻ سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان ٻئي ملڪ فائ??و کڻندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر پڻ ازبڪستان مان آيو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جا لاڳاپا تاريخي اهميت رکن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي دوستي جي نئين سفر جي شروعات ٿي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير ازبڪ زراعت واري وزير سان گڏ نمائش جو افتتاح ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ازبڪ سفارتخاني جا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي ??وجود هئا. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.