اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهب??ز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هيستائين 9 ڀيرا ??لتوا وٺي چڪو آهي، اهڙا حربا اهو ئي ڪندو آهي جنهن چوري ڪئي ه??ي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته شهب??ز شريف فرد جرم کان بچڻ جي لاءِ ڪڏهن نيون درخواستون داخل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪڏهن پنهنجي وڪيل کي عدالت مان غيرحاضر ڪرائي ٿو. اهي 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جي رمضان شگر ملز ڪيس ۾ التوا وٺي ڇڏين ٿا. شهب??ز شريف ان ڪيس ۾ هيستائين 9 ڀيرا ??لتوا وٺي چڪو آهي، اهڙا حربا اهو ئي ڪري ٿو جنهن چوري ڪئي ه??ي. فرخ حبيب چيو ته ان ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي.