ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ماسڪو ۾ گرينڊ مسجد ۽ اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير ۽ وفد سان ميمبر وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم عمران ??ان ۽ گرينڊ مفتي جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ان مسجد جو ڪم گهڻو وقت اڳ شروع ٿيو پر ان کي 2014ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته مون کي دوري دوران ٻڌايو ويو آهي ته روس ۾ 2 هزار مسجدون آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ??سلامو فوبيا جي حوالي سان ٺوس ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته روسي صدر ??و نبي ڪريم ﷺ جي حوالي سان محبت جو اظهار قابل تحسين ڳالهه آهي. هن چيو ته صدر سان ملاقات دوران مون چيو ته اسان کي ان ??ورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. بدقسمتي سان ??نيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ??ن حوالي سان پوري ڪوشش ڪندو ته اولهندي ملڪن کي اسلام جي حوالي سان ??گاهي ڏي ۽ ٻڌائي ته اسلام جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو نه آهي. هن چيو ته روس جي گرينڊ مسجد هڪ خوبصوت مسجد آهي.