اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳا??ن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم ب??ائڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن سوڊان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد ڪيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير مير بهروز ريڪي بلوچ کي بطور سفير نامزدگي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳا??ن کي استحڪام جي حوالي سان خصوصي هدايتون ڏنيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳا??ن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم ب??ائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سياسيت، واپار، ثقافت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ سوڊان سان لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم ب??ائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سوڊان جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي ان کي پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.