اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر هاري?? قافلي جو حصو آهي، اهي ست ڀيرا لانگ مارچ ڪري چڪا آهن، آر ۽ پار ڪرڻ وارا هاڻي خوار ٿي رهيا آهن، ??واز شريف کي ملڪ واپس اچي پنهنجي ڪرپشن ۽ لُٽيل دولت جو حساب ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مريم صفدر جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي رد عمل ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته آر ۽ پار ڪرڻ وارا هاڻي خوار ٿي رهيا آهن، ??واز شريف تي ڪرپشن ثابت ٿي آهي، هو سرٽ??فا??يڊ چور ۽ ڌاڙيل آهن، ??نن ملڪ کي لُٽيو ۽ سپريم ڪورٽ کين نااهل قرار ڏنو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته نواز شريف ڪو علاج نه ڪرائي رهيو آهي، هو بس ڀڳوڙو بڻجي ملڪ کان ٻاهر لڪيل آهي. نواز شريف ملڪ واپس اچي، ان کي ٽڪيٽ به ڏينداسين پر ان ??و ٺڪاڻو اڊيالا جيل آهي. هن چيو ته نواز شريف کي ملڪ واپس اچي پنهنجي ڪرپشن ۽ لُٽيل دولت جو حساب ڏيڻو پوندو، مملڪتي وزير چيو ته مسلم ليگ ن جي اندر ته پاڻ ويڙهه هلي رهي آهي، اه?? پاڻ هڪٻئي کي ڪيرائڻ ۾ لڳل آهن. شهباز شريف مريم صفدر کي ڪيرائڻ چاهي ٿو ۽ مريم صفدر شهباز شريف کي ڪيرائڻ چاهي ٿي، فرخ حبيب چيو ته ن ليگ جا وڌيڪ چار ماڻهو سامهون آيا آهن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ فراريت نه ملندي. مملڪتي وزير چيو ته صرف وزيراعظم عمران ??ان ??نهن جي رستي جي رڪاوٽ آهي ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ انهن کي اين آر او ملي ويندو هو، هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ڪرپشن جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هاڻي انهن کي ڪا به ڇوٽ نه ملندي، مملڪتي وزير چيو ته انهن موجب ته گذريل ڊسمبر ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت وڃڻ واري هئي، اسان ??لحمد الله ساڍا 3 سال مڪمل ڪري ورتا آهن، اسان ??وام جي ووٽن سان چونڊجي آيا آهيون، ??نهنجو آئيني مدو پورو ڪنداسين.