اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين سيالڪوٽ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪالهه کان سوچي رهيو هئس ته سيالڪوٽ واقعي تي ڇا لکان، لفظ ته بي عمل ٿي و??ا آهن، اهڙا واقعا رڳو 48 ڪلاڪن ۾ اسان کي تڪليف ڏين ٿا، پوءِ سڀ نارمل ٿي وڃي ??و ۽ ايستائين احساس دفن رهي ٿو جيستائين اڳيون واقعو نه ٿئي، اها بي حسي وڏي طوفان جي اڳڪٿي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي آڏو ملڪن ۾ رت جا درياءَ وهي و??ا، اسان معاشري ۾ ٽائم بم لڳائي ڇڏيا آهن، انه?? بمن کي ناڪاره نه بڻايو ته اهي ڦاٽندا. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته وقت واريءَ و??نگر هٿن مان نڪري رهيو آهي تمام گهڻو ڌيان گهرجي تمام گهڻو ڌيان.