اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغا??ست??ن معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي برادري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي، طالبان رابطن ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهي چاهين ٿا ته دنيا انهن کي تسليم ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، عالمي برادري ماضي جون غلطيون ورجائڻ کان بچي ۽ مثبت رابطو جاري رکي، پاڪستان ۽ افغا??ست??ن گڏيل ورثو ۽ تاريخ رکن ٿا، افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استح??ام ويجهي ترين پاڙيسري جي طور تي پاڪستان جي سڌوسنئون مفاد ۾ آهي. هو ٽرائيڪا پلس جي ا??تت??حي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چين، پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جا نمائندا خصوصي طور شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته افغا??ست??ن سان رابطو نه رڳو بحال رهڻ گهرجي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر هي ملڪ گهرو ويڙهه جي ور نه چڙهي، ڪير به ٻيهر ائين ڏسندي ٿيڻ نه ٿو چاهي، معاشي تباهي جو به ڪو خواهشمند نه آهي، جنهن سان عدم استح??ام وڌندو، هر ڪو اهو چاهي ٿو ته افغا??ست??ن جي اندر فعال دهشتگرد عنصرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏنو وڃي ۽ پناهگيرن جي هڪ نئين بحران کان بچيو وڃي. افغا??ست??ن بابت اسان سڀني جي ڳڻتي ۽ فڪرمندي گڏيل آهي جڏهن ته اتي امن ۽ استح??ام اسان سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. انهن سڀني کي حاصل ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ان صورتحال ٽرائيڪا پلس نمايان اهميت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ان جو اهم ڪردار آهي جيڪو ان کي ادا ڪ??ڻو آهي. اسان پراعتماد آهيون ته ٽرائيڪا پلس جي نئين افغان حڪومت سان امن ۽ استح??ام جي فروغ، پائيدار معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ افغا??ست??ن جي اندر سرگرم دهشتگردن جي لاءِ گنجائش محدود ٿي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغا??ست??ن هن وقت معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي مالي امداد جي نه هجڻ سبب پگهارن جي ادائيگي تائين ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن.