پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن پشاور ۾ مغل دور ۾ تعمير ٿيل تاريخي عم??رت علي مردان خان ويلا جو دورو ڪيو ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان کا??سواءِ عسڪري ۽ قديمي آثارن واري کاتي جا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم کي علي مردان ويلا جي بحالي ۽ رنگ روغن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل عم??رت جي بحالي ۽ رنگ روغن لاءِ آرڪيالاجي کاتي جي ڪوششن کي ساراهيو، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجي شاندار ماضي جي باري ۾ آگاهي ڏيڻي آهي. وزيراعظم علي مردان ويلا جي مختلف حصن جو دورو به ڪيو ۽ هتي موجود مغليه دور جي آثار قديمه جو معائنو ڪيو.
ياد رهي ته علي مردان ويلا 11 ڪور آرمي هيڊڪوارٽر جي اندر واقع آهي، اها عم??رت مغل دور ۾ علي مردان خان 17 هين صدي ۾ ٺاهي هئي جيڪو مغل بادشاهه شاهجهان جي حڪومتي دور جو مشهور سپه سالار، انجنيئر ۽ ڪشمير، ڪابل ۽ لاهور جو گورنر رهيو آهي، مغليه فن تعمير جي اها شاهڪار عم??رت پنهنجي دور جي خوبصورت ترين عمارتن ۾ شامل هئي. 2015ع کا?? پهرين ڄاڻايل عم??رت ڌيان نه ڏيڻ سبب کنڊر جو منظر پيش ڪري رهي هئي جنهن تي آرڪيالاجي پاڪ فوج جي تعاون سان 2015ع ۾ ان جي بحالي ۽ رنگ روغن شروع ڪيو جيڪا هاڻي مڪمل ٿي چڪي آهي.
تاريخي عم??رت علي مردان خان کا??پوءِ سک حڪومتي دور ۾ فرانس??سي نزاد جنرل ڪلاوڊ آگسٽ ان عم??رت کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ 1827ع کا?? 1843ع تائين اتي رهيو ان کا??پوءِ 1847ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل سر جارج لاورنس جيڪو پشاور جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر هو، ان عم??رت کي سرڪاري طور تي رهائشگاهه ۾ تبديل ڪري پنهنجي خاندان سان مستقل رهڻ لڳو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل هيري بٽ به ان تاريخي عم??رت ۾ رهيو ان کا??پوءِ اها عم??رت رڪارڊ روم جي طور تي به استعمال ۾ رهي آهي.