اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته چونڊ سڌارا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ پرڏيه?? پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن ا??يڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان ٿيندڙ بريفنگ دوران ڏني. وزيراعظم کي چونڊ سڌارن جي ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ قانونسازي جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ا??يڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ شفافيت ۽ سڀني آئيني گهرجن کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي چونڊ عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پرعزم آهي.