ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشرتي ترقي جي لاءِ بطور اداري مسجدن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته مسجدون نه رڳو اسلامي رسمن جي لاءِ ه??نديون آهن پر معاشرتي خدمت کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پڻ بهترين ذريعو آهن. صدر گ??رن?? هائوس سنڌ ۾ دعوت اسلامي جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد گرين پاڪستان ويزن بابت پنهنجي سرگرمين ۾ حڪومت کي تعاون جي درخواست ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي وفد جي ميمبرن تي پڻ زور ڏنو ته اهي پنهنجي معاشرتي ڪم سان گڏوگڏ ع??ام کي بيمارين کان بچاءُ بابت آگاهي فراهم ڪن.