اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پا?? چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو آهي ته پا??ستان ان منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ پرعزم آهي، غربت جي خاتمي ۽ ترقي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پا??ستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غربت جي خاتمي جي ??ين جي تجربي، ڪووڊ – 19 جي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ هدفن کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته پا??ستان چين جي غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي انهن تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ کائنس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن چي?? ته پا??ستان کي ڪورونا جي ٽئين شديد لهر درپيش آهي ۽ حڪومت ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لاءِ منصوبي تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم عمران خان چي?? ته پا??ستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پا??ستان جي دوري جو منتظر آهي.