اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اتحادي پارٽين جي قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم م??ڊي?? آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، خالد مقبول صديقي، غوث بخش مهر، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال، وفاقي وزير فهميده مرزا، نواب شاهه زين بگٽي، خالد خان مگسي شامل هئا. وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، پرويز خٽڪ، اسد عمر، طارق ??شير چيما ۽ سيد امين الحق پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اتحادي پارٽين جي ميمبرن وزيراعظم کي اعتماد جي ووٽ ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏن?? ۽ ??ستقبل ۾ پڻ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.