اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌ??رن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته چئن مهينن ج?? وقفي کانپوءِ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ڪورونا فوتگين ج?? انگ 50 کان وڌي ويو آهي، ڪالهه 59 ڪورونا مرض ۾ مبتلا ماڻهو فوت ٿيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انتهائي ضروري آهي ته قوم يڪجا ٿي ٻيهر احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري، ته جيئن اسان ماڻهن ج?? صحت جي به حفاظت ڪريون ۽ ماڻهن ج?? روزگار کي به بچائي سگهون.