اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪش??ير ۾ انسانيت هر ڏينهن مري رهي آهي، ڪشميرين جو آواز دٻايو پيو وڃي، پاڪستان آواز بڻجندو. پرڏيهي وزارت ۾ ڪاري ڏينهن جي جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪش??ير رڳو ??اڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار نه آهي پر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل انسانيت جي لاءِ ه?? آزمائشي امتحان آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت والاريل ڪش??ير ۾ ظلمن ??ي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪشميري عوام کي بدترين نوعيت جو غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻايو پيو وڃي.