اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارضي طور کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ خنجراب بارڊر ٻن ڏينهن جي لاءِ 19 ۽ 20 جنوري تي ۽ ٻئ?? مرحلي ۾ هن سال جنوري جي آخر کان فيبروري جي شرو?? تائين چين جي بهار جي تهوار کانپوءِ کلندو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خنجراب بارڊر هر سال سردين جي مهينن ۾ بند رهي ٿو. چين مقامي واپارين جي سهولت لاءِ سرحد کي عارضي طور ٻيهر کولڻ جي پاڪستاني درخواست تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان خراب م??سمي حالتن جي باوجود بارڊر آپريشنز کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي سرحدي عملدارن جي خصوصي ڪوششن کي ساراهيون ٿا.