اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ”احساس ڪير ??کي?? نه سمهي“ قدمن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا. ڪير ??کي?? نه سمهي پروگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ما??هن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. اڄ وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪندو. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ ??ام?? ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ما??هن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ما??هن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احساس ڪير ??کي?? نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي، هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به ??کي?? نه سمهندو، احساس ڪير ??کي?? نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ما??هن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ ??ام?? ڪرڻ لاءِ احساس ڪير ??کي?? نه سمهي عطيا فنڊ به قائم آهي.