اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 ماڻهو فو?? ٿي ويا، 3344 نوان ڪيس ??پو??ٽ ٿيا. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3344 ڪورونا جا نوان ڪيسز رجسٽرڊ ٿيا. سڄي ملڪ ۾ هيستائي?? هڪ لک 31 هزار 649 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ 1525 وين??ي ليٽرز رکيا ويا آهن جن مان 459 وين??ي ليٽرز استعمال ٿي رهيا آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ 2 لک 31 هزار 808 تصديق ٿيل ڪيسز آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1342، بلوچستان جا 10 هزار 814، گلگت بلتستان جا 1561، اسلام آباد جا 13 هزار 494، خيبرپختونخواهه ??ا 28 هزار 116، پنجاب جا 81 هزار 963 ۽ سنڌ جا 94 هزار 528 ڪيسز شامل آهن.