لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪڙن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي ۽ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ??ئي ته مڪڙن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن آبادگارن جي قيمتي فصلن کي ??ن قدرتي آفت کان تحفظ فراهم ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب ۾ مڪڙن جي خاتم?? جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڪيو. پي ڊي ايم ا?? جي ڊائريڪٽر جنرل مڪڙن جي حملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته س??ي صوبي ۾ مڪڙن جي حملي کي ??ديد مشينر?? جي استعمال ۽ ٺوس حڪمت عملي سان وڏي حد تائين روڪيو ويو آهي.