اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي و??ير ڊاڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قانون ۽ انصاف واري و??ارت ??ذر??ل 20 مهينن دوران 60649 مان اٽڪل 99 سيڪڙو ڪيس اڪلايا آهن. عوامي مفاد ۾ قانون سازي تي ڏي??هن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. وزارت ??ذر??ل ڏي??هن ۾ ڏي??هن رات هڪ ڪري هنگامي بنيادن تي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ خلاف آرڊيننس بڻايا ته جيئن ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ ص??رت??ال ۾ عاوم لاءِ آسانيون پيدا ڪري سگهجن. ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف آرڊيننس تي عمل درآمد شروع ٿي چڪو آهي. انسداد اسمگلنگ آرڊيننس اڱاري تائين جاري ڪيو ويندو. صنعتن ۽ اوورسيز پاڪستانين بابت قانون سازي تي مشاورت جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قانون ۽انصاف بابت پارلياماني سيڪريٽري بيرسٽر مليڪه بخاري ۽ قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري مشيع الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.