اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪم ڪ??دڙ سمورن ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي لاءِ هڪ مهيني جي اضافي پگهار جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته ان مشڪل وقت ۾ ڏکين حالتن ۾ انسانيت جي خدمت سان ٽمٽ??ر ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جو جذبو ۽ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. ??ها ڳالهه هن ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي چ??ي.