اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سي??ري??ري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ميڊيا جي ميدان ۾ هڪ اهم رياستي ادارو آه??، هو تيزي سان اڀرندڙ ڊيجيٽل ميڊيا ماحول جي چئلي??جن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي خبرن کي جامع بڻائڻ ۽ نوان رجحان متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد مهارتن کي استعم??ل ۾ آڻي. هو قومي خابرو اداري اي پي پي جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سي??ري??ري کي ميڊيا هائوسز جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اي پي پي جي خبرن جي مواد ۽ معيار ۾ بهتري ۽ جديد دور جي گهرجن موجب متعارف ڪرائي ويندڙ نئين خدمتن جي حوالي سان قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.