اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته حڪومت سرڪاري ادارن کي منافعو ڏيندڙ بڻائ?? جي لاءِ سڌارا آڻي رهي آهي، رياستي ادارن جي شفاف ۽ منافعي ڏيندڙ نجڪاري تحريڪ انصاف جي حڪومت جو عزم آهي ۽ اهو وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ملڪ ۾ نجڪاري جو عمل شروع ٿيڻ وڃي رهي?? آهي، ادارن جي شفاف نجڪاري ڪري منافعو بڻائي عوامي ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجڪاري واري وزير محمد ميان سومرو سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.