اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، معاشي استحڪام ۽ رليف جو سال ??رار ڏيندي چيو آهي ته وزير??عظ?? عمران خان 23 سال ??سلسل جدوجهد کانپوءِ پاڪستان کي استحڪام پاڪستان جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، هو روايتي سياستدان نه پر هڪ مقبول اڳواڻ آهي جيڪو ذاتي فائدي بدران قومي مفاد کي ترجيح ڏين??ي عوام جي خوشحالي ۽ آئ??ده نسلن جو سوچي ٿو، 2020ع وزير??عظ?? جي قيادت ۾ معاشي استحڪام سان حاصل ٿيندڙ ثمر عوام تائين پهچائڻ جو سال ??وندو، دنيا جي سامهون ملڪ جو مثبت تشخص ۽ روشن چهرو اجاگر ڪرڻ ۽ قومي بياني جي فروغ ۾ قومي خابرو ادارو ”اي پي پي“ اهم ڪردار رکندڙ آهي، عمران خان جي ويزن موجب اي پي پي کي اهڙو ادارو بڻائينداسين جو سڄي دنيا جا خابرو ادارا ان کي رول ماڊل قرار ڏئي ان جي تقليد ڪندا. هو نيشنل لائبريري ۾ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پ??يس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.